پنجاب جي علائقي سرگوڌا ۾ چيڪنگ دوران عورت وٽان چار ڪلو گرام چرس هٿ ڪئي وئي

پنجاب جي علائقي سرگوڌا ۾ چيڪنگ دوران عورت وٽان چار ڪلو گرام چرس هٿ ڪئي وئي، پوليس موجب، عورت کي حراست ۾ وٺي ڪيس داخل ويو آهي، جيڪا مالاڪنڊ جي رهواسڻ آهي.

سرگوڌا ۾ ڊي پي او جي هدايت منشيات اسمگلرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

انٽر چينجز تي چيڪنگ دوران مالاڪانڊ جي رهواسڻ پروين اختر زال محمد رياض  جي ليڊي ڪانسٽيبل تلاشي ورتي، جنهن وٽان چار ڪلو چرس هٿ آئي.

پوليس موجب، حراست ۾ ورتل عورت تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ منشيات اسمگلنگ ڪرڻ جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*