ڪراچي جي سائيٽ ايريا واري علائقي ۾ فيڪٽري ۾ لڳل باهه تي 3 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ضابطو اچي نه سگهيو آهي

ڪراچي جي سائيٽ ايريا واري علائقي ۾ فيڪٽري ۾ لڳل باهه تي 3 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ضابطو اچي نه سگهيو آهي، فائربرگيڊ جون 10 گاڏيون ۽ هڪ اسنارڪل باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن.

فائربرگيڊ اختيارين چيو ته باهه وسائڻ دوران عمارت جو هڪ حصو ڊهي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 فائر فائٽر ملبي هيٺان اچي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

انتظاميه جو چوڻ آهي ته فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ وڏو مالي نقصان ٿيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*