بدين ۾اليڪشن ڪميشن 1 سئو 95 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏئي ڇڏيو آهي

بدين ۾اليڪشن ڪميشن 1 سئو 95 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏئي ڇڏيو آهي، چونڊن واري ڏينهن انهن پولنگس تي رينجرز ۽ فوجي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو.

اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل فهرست موجب بدين ضلعي جي ٽوٽل 6 سئو 51 پولنگس مان 195 کي انتهائي حساس جڏهن ته 294 پولنگس کي حساس ڄاڻايو آهي.

 رپورٽ موجب قومي اسيمبلي تڪ اين اي 229 ۾ 56 پولنگس انتهائي حساس ۽ 167 پولنگس کي حساس قرار ڏنو ويو.

 اين اي 230 جي قومي اسيمبليءَ واري چونڊ تڪ تي130 پولنگس کي انتهائي حساس، 127  کي حساس قرار ڏنو ويو.

 اليڪشن ڪميشن عملدارن موجب ته حساس، ۽ انتهائي حساس قرار ڏنل پولنگ اسٽيشنز تي چونڊن واري ڏينهن پاڪ فوج ۽ رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته پوليس اهلڪارن جو به وڏو انگ موجود هوندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*