لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي اين اي 57 مري تان تاحيات نااهلي واري اپيلٽ ٽربيونل جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي اين اي 57 مري تان تاحيات نااهلي واري اپيلٽ ٽربيونل جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، شاهد خاقان عباسي چيو ته ادارا پنهنجي آئيني ڪردار ۾ رهن، دعا آهي ته ملڪ جي بهتري لاءِ چونڊون تڪراري نه ٿين، چونڊ مهم ۾ نوازشريف جي غير موجدگي محسوس ٿيندي پر ليڊر شپ موجود آهي ۽ اسان فتح حاصل ڪنداسين

لاهور هاءِ ڪروٽ ۾ ٻه رڪني بينچ شاهد خاقان عباسي جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي، اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پيش ٿيو.

شاهد خاقان عباسي جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس اصيل جي نامزدگي ڪاغذن ۾ ڪي به اثاثا نه لڪايا ويا آهن،

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته شاهد خاقان عباسي پنهنجي اثاثن جا تفصيل نامزدگي ڪاغذن جي ابتڙ جمع ڪرايا.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته شاهد خاقان عباسي هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل دستاويزن ۾ اسلام آباد جي گهر جي ماليت 20 ڪروڙ  ظاهر ڪئي ۽ نامزدگي ڪاغذن ۾ انهيءَ ساڳي گهر جي قيمت 3 لک رپيا ظاهر ڪئي هئي.

لاهور هاءِ ڪورٽ وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد شاهد خاقان عباسي جي اپيل منظور ڪندي  سندس نااهلي واري اپيلٽ ٽربيونل جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

عدالتي فيصلي کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ادارا پنهنجي آئيني ڪردار ۾ رهن، دعا آهي ته ملڪ جي بهتري لاءِ چونڊون تڪراري نه ٿين،

نوازشريف بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نوازشريف ڪالهه چيو هو ته سندس گهرواري بيمار آهي، جيئن سندس طبيعت بهتر ٿئي ٿي، هو ڏيهه واپس ايندو،

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نوازشريف ڪيتريون پيشيون ڀوڳيون آهن ۽ هو عدالتن جو احترام به ڪري ٿو.

شاهد خاقان عباسي چيو ته  چونڊ مهم ۾ نوازشريف جي غير موجدگي محسوس ٿيندي پر ليڊر شپ موجود آهي ۽ اسان فتح حاصل ڪنداسين…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*