لاهور هاءِ ڪورٽ اين اي 67 جي پي ٽي آءِ اميدوار فواد چوڌري  خلاف اپيلٽ ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي کيس چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ اين اي 67 جي پي ٽي آءِ اميدوار فواد چوڌري  خلاف اپيلٽ ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي کيس چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، مسلم ليگ ن جي اميدوار سائر افضل تارڙ جي نامزدگي ڪاغذن کي به چيلنج ڪيو ويو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اميدوار فواد چوڌري جي نااهلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته فواد چوڌري نامزدگي ڪاغذن ۾ ڪوڙ ڳالهايو،

فواد چوڌري چيو ته مون نامزدگي ڪاغذن ۾ درستگي ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد اپيلٽ ٽربيونل وٽ نااهلي جو جواز نه آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ فواد چوڌري نااهلي جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ کيس عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

ٻئي طرف اين اي 87 جي مسلم ليگ ن جي اميدوار سائره افضل تارڙ جي نامزدگي ڪاغذن کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو ويو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سائره افضل تارڙ نامزدگي ڪاعذن ۾ حقيقتون لڪايون آهن، استدعا آهي ته کيس اليڪشن لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*