ڪراچي جي عدالت بلديه سانحي جي نئين سر جاچ ڪرائڻ بابت سنڌ سرڪار کان 6 اپريل تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي

ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اولهه جي عدالت بلديه سانحي جي نئين سر جاچ ڪرائڻ بابت سنڌ سرڪار کان 6 اپريل تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته شازيه هنجراهه جي جاءِ تي چوڌري ارشد کي بلديه سانحي بابت نئون پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو ويو آهي.

ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اولهه جي عدالت ۾ بلديه سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جوابدار ڄاڻايل فيڪٽري مالڪن جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو.

ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته سنڌ سرڪار بلديه سانحي جي ٻيهر جاچ ڪرائي رهي آهي، جنهن تي عدالت سنڌ سرڪار کي ان حوالي سان 6 اپريل تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

سنڌ حڪومت بلديه سانحي بابت چوڌري ارشد کي نئون پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو آهي، جڏهن ته ڪجهه وقت اڳ شازيه هنجراهه پبلڪ پراسيڪيوٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*