حيدرآباد جي لطيف آباد جي اسڪول مان نوجوان جو لاش مليو آهي

حيدرآباد جي لطيف آباد جي اسڪول مان نوجوان جو لاش مليو آهي، پوليس موجب لاش جي سڃاڻپ 30 سالن جي علي حسن پٽ محمد اشرف طور ٿي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو خودڪشي لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پوليس نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ ڀٽائي اسپتال منتقل ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*