اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف احتساب عدالت ۾ ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو 7 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف احتساب عدالت ۾ ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو 7 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. درخواست ۾ نوازشريف موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس گهر واري ڪلثوم نواز سخت بيمار آهي، سندس لنڊن ۾ علاج ٿي رهيو آهي، اسان فيصلو پاڻ ٻڌڻ چاهيون ٿا، جنهن سبب 7 ڏينهن لاءِ فيصلو نه ٻڌايو وڃي.

نوازشريف جي وڪيل ايڊووڪيٽ ظافر طرفان نوازشريف خلاف اين فيلڊ ريفرنس جو فيصلو 7 ڏينهن لاءِ روڪڻ لاءِ احتساب عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي.

جمع ڪرايل درخواست سان گڏ بيگم ڪلثوم نواز جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ به جمع ڪرايو ويو آهي.

درخواست ۾ نوازشريف موقف اختيار ڪيو ته سندس گهر واري ڪلثوم نواز سخت بيمار آهي،

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته بيگم ڪلثوم جو علاج لنڊن ۾ هلي رهيو اهي، مريم نواز ۽ مان پاڻ لنڊن ۾ موجود آهيان،

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته پاڪستان اچي پيش ٿيڻ لاءِ ڪجهه مهلت ڏني وڃي، اسان فيصلو پاڻ ٻڌڻ چاهيون ٿا، جنهن سبب فيصلو 7 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*