سپريم ڪورٽ موبائل ڪارڊز ڪمپني کي فيصلو اچڻ تائين ٽيڪس ڪٽوتي نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ موبائل ڪارڊز ڪمپني کي فيصلو اچڻ تائين ٽيڪس ڪٽوتي نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اسان موبائل ڪارڊ تي ٽيڪس 10 ڏينهن لاءِ معطل نه ڪيو هو،  جيستائين حڪم نٿو اچي، تيستائين موبائل ڪارڊز تي ٽيڪس معطل رهندو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ موبائل فون ڪارڊز تي ٽيڪس ڪٽوتي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته مون موبائل فون ڪارڊز تي ٽڪيس 10 ڏينهن لاءِ معطل نه ڪيو هو،

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته بنا نقصان جي اگهن ۾ ڪيتري واڌ ٿي سگهي ٿي؟  جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن واري معاملي تي ڪجهه وقت ڏيو، حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻو پوندو.

ايف بي آر جي نمائندي چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ گهٽتائي وفاقي حڪومت جو اختيار آهي،

پي ايس او هلندڙ مهيني لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لڳايل ٽيڪسز جا تفصيل جمع ڪرايا.

دستاويزن موجب، عوام رڳو جوالءِ ۾ 70 ارب رپين کان وڌيڪ اضافي وزن برداشت ڪيو.

سپريم ڪورٽ پيٽروليم شين اگهن واري ڪيس جي ٻڌڻي آچر تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*