نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي سانوڻي جي برسات دوران درياهن ۽ ندي نالن ۾ چاڙهه ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ ملڪ جي 49 ضلعا متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي سانوڻي جي برسات دوران درياهن ۽ ندي نالن ۾ چاڙهه ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ ملڪ جي 49 ضلعا متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو، انهن ضلعن ۾ سنڌ جا 13 ، خيبرپختونخواهه جا 10، گلگت بلتستان جا 9، پنجاب جا 6، بلوچستان جا به 6 ۽ آزاد ڪشمير جا 5 ضلعا شامل آهن.

نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي سانوڻي جي برسات دوران درياهن ۽ ندي نالن ۾ چاڙهه ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ ملڪ جي 49 ضلعا متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

برسات سبب متاثر ٿيندڙ ضلعن ۾ سنڌ جا 13 ، خيبرپختونخواهه جا 10، گلگت بلتستان جا 9، پنجاب جا 6، بلوچستان جا به 6 ۽ آزاد ڪشمير جا 5 ضلعا شامل آهن.

نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي طرفان تيار ڪيل هنگامي رپورٽ موجب، سانوڻي جي برسات دوران امڪاني طور درياهن ۽ ندين ۾ چاڙهه سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي،

گليشيئر پگهرجڻ، فلش فلڊ، لينڊ سلائينڊنگ ۽ برفاني ڇپ ڪرڻ سبب ملڪ جا 49 ضلعا متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.

رپورٽ موجب، گلگت بلتستان ۾ درياهن ۾ چاڙهه، لينڊ سلائيڊنگ ۽برفاني چپون ڪرڻ سبب ديامير، گانڇي، غذر، گلگت، هنزه، اسڪردو، نگر، کرمنگ ۽ ٻيا ضلعا شامل آهن.

پنجاب ۾ درياهن ۾ چاڙهه سبب ڊي جي خان ۽ راجن پور تمام گهڻو متاثر ٿيندا، جڏهن ته چئن ضلعن ليا، ميانوالي، مظفر ڳڙهه، رحيم يار خان به متاثر ٿي سگهن ٿا.

رپورٽ موجب، سنڌ ۾ به درياهن ۾ چاڙهه سبب دادو، گهوٽڪي، ڄامشورو، خيرپور، لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، سجاول، ٺٽو متاثر ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته جيڪب آباد، ڪشمور، شڪارپور، ٽنڊو محمد خان به متاثر ٿي سگهن ٿا.

بلوچستان ۾ درياهن ۾ چاڙهه ۽ فلش فلڊ جي نتيجي ۾ 3 ضلعا جعفرآباد، صحبت پور ۽ نصير آباد انتهائي متاثر ٿي سگهن ٿا.

خيبرپختونخواهه ۾ درياهن ۾ چاڙهه، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائينڊنگ سبب 4 ضلعا چارسده، ڊي آءِ خان، پشاور ۽ شانگلا متاثر ٿي سگهن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*