پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته نواز شريف برطانيا ۾ آهي پر سندس جي برطانيا ۾ سياسي پناهه بابت ڄاڻ ناهي

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته نواز شريف برطانيا ۾ آهي پر سندس جي برطانيا ۾ سياسي پناهه بابت ڄاڻ ناهي، ڀارت انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي.

پرڏيهي کاتي جو ترجمان بريفنگ ڏيندي چيو ته اسلام آباد ۾ موجود گڏيل قومن جي سفاتڪارن کي ڪشمير ۾ انساني حقن تي رپورٽ تي 27 جون تي بريفنگ ڏني وئي.

هن چيو ته ڀارت انساني حقن ۽ عالمي قانون جي پاسداري ڪري، عالمدي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس وٺي.

ترجمان چيوته پاڪستان سرڪار 471 ڀارتي قيدين جي لسٽ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي حوالي ڪئي. جڏهن ته ٻئي ملڪ پهرين جنوري کان پهرين جولاءِ تائين قيدين جي لسٽس جي مٽا سٽا ڪندا آهن.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت سبب هڪ هفتي اندر 7 ڪشميري شهيد ٿيا آهن.

ترجمان چيو ته نواز شريف برطانيا ۾ آهي پر سندس جي برطانيا ۾ سياسي پناهه بابت ڄاڻ ناهي

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڀارت مسلسل انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*