ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  نوجوان نقيب الله قتل ڪيس  ۾ نامزد ايس ايس پي رائو انوار جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي  10 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  نوجوان نقيب الله قتل ڪيس  ۾ نامزد ايس ايس پي رائو انوار جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي  10 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ درخواست جي ٻڌڻي دوران رائو انوار سميت ٻين جوابدارن کي پهچايو ويو.

جاچ آفيسر ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان عدالت کي آگاهه ڪيو ته روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان چيو ته جوابدار انتهائي بااثر آهن، انهن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، سڀني ادارن کان جوابدارن جي سفري هسٽري گهري آهي پر اڃاتائين جواب ناهي مليو.

عدالت ضمانت واري درخواست تي وڪيلن جي دليلن بعد فيصلو محفوظ ڪري ٻڌڻي 10 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

عدالت ٻاهران صحافين جي سوال جو جواب ڏيندي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار چيو ته نيب پاران منهنجي خلاف ڪرپشن جي جاچ بابت خبر ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*