فنڪشنل ليگ سربراهه پيرپاڳاري، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي ڀاشا ڊيم جي تعمير واري اعلان جي حمايت ڪئي آهي

فنڪشنل ليگ سربراهه پيرپاڳاري، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي ڀاشا ڊيم جي تعمير واري اعلان جي حمايت ڪئي آهي، پيرپاڳاري خط ۾ چيو ته  35 سالن کان منهنجو خواب هو ته ڀاشا ڊيم تعمير ٿئي،ڊيم جي تعيمر واري  اعلان تي توهان جو ٿورائتو آهيان.

پير پاڳارو  چيو ته  ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، پاڻي توڙي بجلي جا بحران سنگين صورت اختيار ڪري چڪا آهن.

هن چيو ته مان پنهنجي پارٽي طرفان پاشا ڊئم جي تعمير لاءِ توهان کي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرايان ٿو.

پيرپاڳاري خط ۾ چيو ته سڀني ڌرين کي گڏجي ملڪ مان بجلي ۽ پاڻي بحران ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*