ڪراچي پوليس مختلف ڪيسن ۾ گهربل 15 جوابدارن کي گرفتار ڪري وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

ڪراچي جي اوڀر پوليس ٽارگيٽ ڪلرز ۽ ڀنگ لاءِ اغوا سميت مختلف ڪيسن ۾ گهربل 15 جوابدارن کي گرفتار ڪري وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ڊي آءِ جي اوڀر منير شيخ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پوليس فيروزآباد، گلستان جوهر، شاهه فيصل ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ ڪارروائي ڪري 15 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو آهي، جن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيارهٿ آيا آهن.

ڊي آءِ جي ٻڌايو ته گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ ٽارگيٽ ڪلر فهيم، ڀنگ لاءِ اغوا ڪندڙ ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث جوابدار شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*