پي ٽي آءِ بلوچستان جي صدر يار محمد رند کي سپريم ڪورٽ اين اي 260 ۽ پي بي 17 تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

پي ٽي آءِ بلوچستان جي صدر يار محمد رند کي سپريم ڪورٽ اين اي 260 ۽ پي بي 17 تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، اين اي 64 تي پي ٽي آءِ اميدوار غلام عباس نامزدگي ڪاغذن ۾ اين ٽي اين نمبر نه هجڻ تي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ پي ٽي آءِ بلوچستان جي صدر جي نااهلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي  ڪئي.

يار محمد رند جي اهليت کي مخالف اميداور تاج محمد ريئساڻي چيلنج ڪيو هو، ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ پنهنجي وڪيل سميت پيش ٿيو.

وڪيل دليل ڏيندي چيو ته يار محمد رند پاڻ کي ماسٽر ڊگري هولڊر ظاهر ڪيو، ايم اي جي ڊگري ڄاڻي واڻي ظاهر ناهي ڪئي.

يار محمد رند جي وڪيل چيو ته منهنجي اصيل ڊگري لڪائي ڪا به بدديانتي ناهي ڪئي.

وڪيل چيو ته يار محمد موجود نامزدگي ڪاغذن ۾ ايف اي جي ڊگري ظاهر ڪئي، منهنجي اصيل خلاف ڄاڻي واڻي ايف اي ظآهر ڪيو.

وڪيل چيو ته منهنجي اصيل جي ايف آءِ آر تي ضمانت ٿي چڪي آهي، جنهن جي ڪاپي درخواست ۾ لڳائي وئي آهي.

چيف جسٽس چيو ته ڪنهن به رخ سان ڏسجي ته اها بدديانتي نٿي لڳي،

سپريم ڪورٽ يار محمد کي چونڊ وڙهڻ لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي،

ٻئي طرف اين اي 64 تي پي ٽي آءِ اميدوار غلام عباس نامزدگي ڪاغذن ۾ اين ٽي اين نمبر نه هجڻ تي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ٽوبا ٽيڪسنگ ۾ پ پ اميدوار چوڌري رمضان ٻٽِي شهريت بابت ڪوڙو بيان ڏيڻ تي نااهل قرار ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*