پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پيپلزپارٽي هميشه آئين جي پاسداري ڪئي ۽ ادارن جو احترام ڪيو آهي

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پيپلزپارٽي هميشه آئين جي پاسداري ڪئي ۽ ادارن جو احترام ڪيو آهي، مخالفن وٽ فيصلا ڪرڻ جي سگهه نه آهي، جنهن سبب اميدوار ڇڏي وڃي رهيا آهن.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي يوسف رضاگيلاني چيو ته برگيڊير قيصر مهيني اندر پنهنجي ساٿين سان گڏ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي رهيو آهي، انهن جي شموليت سان منهنجي پٽ علي حير گيلاني ۽ عبدالقادر گيلاني جي پارٽي پوزيشن مستحڪم ٿيندي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اڄ ائين علي رهيو آهي ته عوام اسان جي ڪوششن جو صلو ڏئي رهيا آهن،

يوسف رضا گيلاني چيو پيپلزپارٽي هميشه آئين جي پاسداري ڪئي ۽ ادارن جو احترام ڪيو آهي.

هن چيو ته مخالفن ۾ فيصلو ڪرڻ جي سگهه نه آهي، جنهن سبب اميدوار الڳ ٿي رهيا آهن،

يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان جي منشور ۾ ڏکڻ پنجاب صوبو ۽ ڊيمن جي تعمير شامل آهي، بلاول ڀٽو 7 جولاءِ تي ملتان ايندو ۽ چونڊ مهم ۾ حصو وٺندو.

هن چيوته پيپلزپارٽي هڪ ڪٽنب جيان آهي، عمران خان جي پنهنجي پارٽي آهي ۽پنهنجو منشور آهي.

يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان جو ڪم عوام وٽ وڃڻ آهي، اسان پنهنجي جان جي به پرواهه نه ڪنداسين………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*