نيب لاهور آشيانه هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي گرفتار ڪري ورتو

نيب لاهور آشيانه هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي گرفتار ڪري ورتو، نيب ترجمان چيو آهي ته، فواد حسن فواد کان آشيانا هائوسنگ اسڪيندل جي حوالي کائنس پُڇا ڳاڇا جاري آهي، فواد حسن فواد نواز شريف جي نااهل ٿيڻ کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو به پرنسپل سيڪريٽري رهيو آهي.

نيب لاهور ۾ آشيانا هائوسنگ اسڪيم واري ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسين فواد کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ طلب ڪيو هو.

نيب، فواد حسين فواد کي 11 ڀيرا آشيانا هائوسنگ اسڪيم ۾ طلب ڪيو پر هو رڳو 4 ڀيرا پيش ٿيو.

اڄ جيئن فواد حسين فواد بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ نيب لاهور آفيس پهتو ته نيب کانئس سوال ڪيا پر هو نيب اختيارين کي مطئمن نه ڪري سگهيو.

جنهن بعد نيب لاهور آشيانه هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي گرفتار ڪري ورتو،

نيب ترجمان چيو ته، فواد حسن فواد کان آشيانا هائوسنگ اسڪيندل جي حوالي کائنس پُڇا ڳاڇا جاري آهي، فواد حسن فواد نواز شريف جي نااهل ٿيڻ کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو به پرنسپل سيڪريٽري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*