پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، جي ڊي اي ۾ شامل جماعتون بغضِ ڀٽو تحت سنڌ کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، جي ڊي اي ۾ شامل جماعتون بغضِ ڀٽو تحت سنڌ کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪندڙن سان هٿ ملائڻ وڃي رهيون آهن، پ پ جي پوزيشن ڪمزور هجي ها ته مخالفن کي غير جمهوري قوتن کان سپورٽ وٺڻ جي ضروت نه پوي ها، سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پير جو ڳوٺ ڪالهه ئي تير جو ڳوٺ بڻجي ويو هو، خواهش آهي ته اقتدار جي منتقلي وارو عمل جمهوري طريقي سان پورو ٿي وڃي.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته جمهوريت صرف اليڪشن جو نالو ناهي، جمهوريت بنا مسئلن جو حل نٿو نڪري سگهي.

پ پ چيئر مين وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت لاءِ قرباني ڏني، آئون سندن مشن کڻي نڪتو آهيان……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*