مسلم ليگ ن جي اڳواڻ آصف ڪرماني چيو آهي ته ڪلثوم نواز جي طبيعت بهتر ٿيندي ئي نوازشريف ۽ مريم نواز ڏيهه ورندا

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ آصف ڪرماني چيو آهي ته ڪلثوم نواز جي طبيعت بهتر ٿيندي ئي نوازشريف ۽ مريم نواز ڏيهه ورندا،  سيڪيورٽي انتظامن جي سخت انتظامن ۽ قلم 144 لاڳو هئڻ سبب ليگي ڪارڪنن ناهن آيا.

احتساب عدالت  ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف ڪرماني چيو ته الله تعاليٰ خير ڪري ڪندو، سٺي اميد رکون ٿا. بيگم ڪلثُم نواز جي طبيعت خراب آهي ۽ هوءَ ويلينٽر تي آهي.

هن چيو ته ڪلثوم نواز جي طبيعت بهتر ٿيندي ئي نوازشريف ۽ مريم نواز وطن واپس اچي ويندا.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته فيصلو اچڻو ڏيو، پوءِ ڏسنداسين ته ڇا ڪرڻو آهي.

آصف ڪرماڻي چيو ته سيڪيورٽي جي سخت انتظامن ۽ قلم هڪ 144 لاڳو هئڻ سبب ليگي ڪارڪنن ناهن آيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*