اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران سيڪيورٽي جا انتطام سخت ڪيا ويا آهن

اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران سيڪيورٽي جا انتطام سخت ڪيا ويا آهن، قلم 144 لاڳو هئڻ سبب ڪنهن به غير لاڳاپيل ماڻهن جو عدالت ۾ اچڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي، جوڊيشل ڪمپليڪس جي سيڪيورٽي پلان ۾ ٻيهر تبديلي ڪئي وئي آهي،

احتساب عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، قلم 144 لاڳو هئڻ سبب ليگي ڪارڪنن به نه پهتا آهن.

جوڊيشل ڪمپليڪس جي سيڪيورٽي پلان ۾ ٻيهر تبديلي ڪئي وئي آهي، گهرو وزارت جي حڪمن باوجود رينجرز جا 5 سئو اهلڪار مقرر نه ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ڪجهه اهلڪار احتساب عدالت ٻاهران موجود آهي.

اسلام آباد جي  احتساب عدالت ٻاهران سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن، 5 ايس ايس پيز، 6 ڊي ايس پيز ۽ 18 انسپيڪٽرز سوڌو هڪ هزار پوليس اهلڪار سيڪيورٽي تي مقرر ڪيا ويا آهن.

جڊيشل ڪامپليس جي ڀرپاسي وارا رستا تي ڪنڊيدار تارون رکي بند ڪيا ويا، احتساب عدالت ٻاهران 50 کان وڌيڪ عورت اهلڪار ۽ رينجرز اهلڪار به مقرر آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*