شريف ڪٽنب خلاف نيب ريفرنس جي پهرين ٻڌڻي 14سيپٽمبر 2017ع تي ٿي، ايون فيلڊ ريفرنس ساڍا 9 مهينن تائين جاري رهيو

شريف ڪٽنب خلاف نيب ريفرنس جي پهرين ٻڌڻي 14سيپٽمبر 2017ع تي ٿي، ايون فيلڊ ريفرنس ساڍا 9 مهينن تائين جاري رهيو، ڪيس جون  ٽوٽل 107ٻڌڻيون ٿيون، جڏهن ته نواز شريف 78 ڀيرا، مريم نواز 80 ۽ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر 92 ڀيرا پيش ٿيو.

احتساب عدالت ۾  هلندڙ ايون فيلڊ ريفرنس شريف ڪٽنب جي لنڊن ۾ موجود فليٽس بابت آهي،

نيب سپريم ڪورٽ جي پاناما بابت 28 جولاءِ واري فيصلي جي روشني ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز، ناٺي ڪئپٽن صفدر، حسن نواز ۽ حسين نواز خلاف 8 سيپٽمبر 2017ع  تي عبوري ريفرنس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ انهن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو.

ريفرنس تي 14 سيپٽمبر 2017 جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير پهرين ٻڌڻي ڪئي، جڏهن ته ڪيس لڳ ڀڳ ساڍا مهينن تائين جاري رهڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو.

احتساب عدالت ۾ غير حاضري سبب حسن ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏنو ويو ۽ انهن جو ريفرنس الڳ ڪيو ويو.

احتساب عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي 26 آڪٽوبر تي نوازشريف جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا، هڪ مهيني کانپوءِ 26 سيپٽمبر تي نوازشريف پهريون ڀيرو احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو.

نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز 19 آڪٽوبر تي پهريون ڀيرو عدالت ۾ پيش ٿي.

احتساب عدالت نوازشريف جي ناٺي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ۽ ڪئپٽن صفدر کي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

19 آڪٽوبر 2017 تي مريم نواز ۽ڪئپٽن صفدر تي سڌي ريت فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، نوازشريف جي غير موجودگي سبب سندس نمائندي ظافر خان ذريعي فرد  جرمو لاڳو ڪيو ويو.

3 نومبر تي نوازشريف، مريم نواز ۽ڪيپٽن صفدر هڪ ئي وقت عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ 8 نومبر تي پيشي جي موقعي تي نوازشريف تي سڌي ريت فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.

ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مجموعي طور تي 18 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، جنهن ۾ پاناما اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ به شامل هو.

11 جون 2018 تي حتمي دليل جي تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ نوازشريف جو وڪيل خواجا حارث ڪيس کان الڳ ٿي ويو ۽ 19 جون تي احتساب عدالت پهچي ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ واري درخواست واپس ورتي.

عدالت شاهدن کان آڏي پڇا مڪمل ٿيڻ ۽ نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث ۽ مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر جي وڪيل امجد پرويز جي حتمي دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت 3 جولاءِ تي فيصلو محفوظ ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*