نيوزيلينڊ جي ٽيم مارٽن گپٽل جي رڪارڊ ساز اننگ سبب ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي 143 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي

11هين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي چوٿين ڪوارٽر فائنل ۾ ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم  مارٽن گپٽل جي رڪارڊساز اننگ سبب ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد 143رنز تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي، جتي سندن مقابلو ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم سان ٿيندو.

نيوزيلينڊ جي شهر ويلنگٽن ۾ کيڏي ويل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي چوٿين ڪوارٽر فائنل ۾ ڪيوي ڪپتان برينڊن ميڪيولم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو صحيح ثابت ٿيو.

نيوزيلينڊ جي ٽيم مقرره 50 اوورس ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 393رنز اسڪور ڪري ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجو سڀ کان وڏو ٽوٽل ٺاهڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي.

ان کان پهرين ڪيوي ٽيم ميگا ايونٽ جي پهرين ميچ ۾ سري لنڪا خلاف 331رنز اسڪور ڪيون هيون.

ميچ جي خاص ڳالهه مارٽن گپٽل جي شاندار ڊبل سنچري هئي، جنهن 11ڇڪن ۽24چونڪن جي مدد سان 237 رنز اسڪور ڪيو.

 ڪرس گيل جي 215رنز جي اننگ بعد مارٽن گپٽل هلندڙ ورلڊ ڪپ ۾ ٻي ڊبل سنچري اسڪور ڪئي آهي ۽ اها ڪنهن به نيوزيلينڊ جي بيٽسمين جي ون ڊي  ۽ ورلڊ ڪپ ۾ پهرين ڊبل سنچري ۽ ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ ڪنهن به بيٽسمين جو وڏو اسڪور آهي.

مارٽن گپٽل جي 237 رنز جي اننگ روهت شرما جو 264 رنز جي اننگ بعد ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ٻيو وڏو اسڪور ڪيو آهي، جڏهن ته روز ٽيلر 42، ڪين وليمسن 33،گرانٽ ايليٽ 27 ۽ ڪوري اينڊرسن 15رنز جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿيو.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاران جيروم ٽيلر 71رنز ڏئي 3، جڏهن ته آنڊري رسل 96رنز ڏئي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم ڪيوي ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 394 رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم 30 ڏهائي 3 اوورس ۾ 250رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

ويسٽ انڊيز جا بيٽسمين ميزبان ٽيم جي بالرز آڏو بيوس نظر آيا، ڪرس گيل 61، چارلس3، سمنز 12، مارلن سموئلز 27،ڊيرن سمي 27،ڪارٽر 32۽ جيسن هولڊر 42رنز جي اننگ کيڏي نمايابيٽسمين رهيا.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران ٽرينٽ بولٽ 4، ٽم سائوٿي ۽ڊينيئل وٽوري 2-2،جڏهن ته ملائن ۽ڪوري اينڊرسن هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

مارٽن گپٽل کي رڪارڊساز ڊبل سنچري اسڪور ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*