پنگريو ويجهو زميندار جي مبينا نجي جيل تي عدالتي ڇاپي دوران ناحق باندي بڻايل چئن خاندانن جي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 ڀاتين کي بازياب ڪرايو ويو

پنگريو ويجهو زميندار جي مبينا نجي جيل تي عدالتي ڇاپي دوران ناحق باندي بڻايل چئن خاندانن جي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 ڀاتين کي بازياب ڪرايو ويو.

ديهه ڍورو ڪاڪا نورو ۾ پوليس عدالتي حڪم تي زميندار جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران ناحق باندي بڻايل چئن خاندانن جي 15 ڀاتين کي بازياب ڪرايو ويو.

بازياب ڪرايلن ۾ 4 عورتون 3 مرد ۽ 8 ٻارڙا شامل آهن، جن کي اڄ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج بدين جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

درخواست گذار ڌرمڇي ڪولهي عدالت ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته زميندار سندس خاندان جي 15 ڄڻن کي جبري پورهيو وٺڻ لاءِ پنهنجي نجي جيل تي باندي بڻائي رکيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*