اسلام آباد جي احتساب  عدالت نواز شريف، مريم نواز ۽ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر خلاف ايون فيلڊ ريفرنس تي محفوظ ڪيل فيصلو 7 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ لاءِ درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد جي احتساب  عدالت نواز شريف، مريم نواز ۽ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر خلاف ايون فيلڊ ريفرنس تي محفوظ ڪيل فيصلو 7 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ لاءِ درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو ڪجهه دير ۾ ٻڌايو ويندو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ايون فيلڊ ريفرنس جي محفوظ ڪيل فيصلو 7 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ لاءِ نوازشريف ۽ مريم نواز جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران شريف ڪٽنب جو وڪيل امجد پرويز، آصف ڪرماني ۽ ٻيا پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران مريم نواز جي وڪيل امجد پرويز پاران ڪلثوم نواز جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت  ۾ پيش ڪئي وئي.

وڪيل امجد پرويز چيو ته ڪلثوم نواز جي حالت خراب آهي، جنهن سبب نواز شريف جي لنڊن ۾ موجودگي ضروري آهي. جنهن سبب فيصلو 7 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو وڃي. درخواست جي نيب مخالفت ڪئي.

امجد پرويز چيو ته عدالت حسن ۽ حسين نواز خلاف فيصلو نٿو ٻڌائي سگهجي، قانون مطابق فيصلي وقت جوابدار موجود هئڻ ضروري آهي، عدالت صرف مفرور جوابدارن خلاف فيصلو ٻڌائي سگهي ٿي،

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته، درخواست ريفرنس تي فيصلو محفوظ ٿيڻ کان اڳ ڏني وڃي ها، فيصلو محفوظ ٿيڻ کانپوءِ اهڙي درخواست نٿي ڏئي سگهجي،

عدالت نيب جي مخالفت سبب درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي هڪ ڪلاڪ لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*