اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي دوست ذلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي دوست ذلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت حڪم ڏنو آهي ته ذلفي بخاري تي لڳل سفري پابنديون ختم ڪيون وڃن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾  ذلفي فخاري جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران عدالت ذلفي بخاري تي سفري پابندي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت چيو ته زلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍيو وڃي.

واضح رهي ته رمضان مهيني  دوران عمران خان جو ويجهو دوست زلفي بخاري پنهنجي گهرواري سان گڏ عمري لاءِ سعودي عرب وڃي رهيو هو ته کيس روڪيو ويو هو، عمران خان جي فون بعد سندس عارضي طور نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍيو ويو هو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*