پنجاب جي علائقي صادق آباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ واٽهڙا زخمي ٿي پيا

پنجاب جي علائقي صادق آباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ واٽهڙا زخمي ٿي پيا. جڏهن ته ڪار ۾ سوار ايڊووڪيٽ  مرزا امين محفوظ رهيا.

صادق آباد ۾ جگنو چوڪ وٽ ڪار تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 2 واٽهڙا زخمي ٿي پيا.

فائرنگ بعد جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڪار سوار ايڊووڪيٽ مرزا امين محفوظ رهيو،

اطلاع تي پوليس ۽ رضاڪارن پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس موجب، مقتول عدالت ۾ پيشي لاءِ وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*