لاهور جي احتساب عدالت آشيانه هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل جي ٻڌڻيءَ ۾ فواد حسن فواد کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو

لاهور جي احتساب عدالت آشيانه هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل جي ٻڌڻيءَ ۾ فواد حسن فواد کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو،

لاهور جي احتساب عدالت ۾ نيب اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي پرسنل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي پيش ڪيو.

نيب پراسيڪورٽر طرفان فواد حسين فواد جي 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي.

نيب پراسيڪيوٽر وارث علي جنجوعا جسماني ريمانڊ لاءِ دليل ڏنا.

ٻڌڻي دوران نيب فواد حسين فواد جي جوڊيشل ريماند جي استدعا ڪئي، جنهن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

ڪجهه دير بعد لاهور جي احتساب عدالت آشيانه هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل ۾ فواد حسن فواد کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو،

واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسين فواد کي آشيانه هائوسنگ اسڪيم جا ٺيڪا من پسند ماڻهن کي ڏيڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو، کيس گذريل ڏينهن حراست ۾ ورتو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*