لاهور هاءِ ڪورٽ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري کي نااهل قرار ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري کي نااهل قرار ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، درخواست ۾ شهري بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري کي تاحيات نااهل قرار ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو هو ته ٻنهي اڳواڻن اليڪشن قانون جي ڀڇڪڙي ڪئي آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سيد اقتدار حيدر نالي شهري پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي تاحيات نااهلي لاءِ درخواست داخل ڪرائي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري چونڊ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، جنهن سبب کين چونڊ ۾  وٺڻ لاءِ لاءِ هميشه لاءِ نااهل ڪيو وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ ابتدائي ٻڌڻي بعد عدالت پاران شهري اقتدار احمد جي درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏني وئي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*