ميان صاحب مان 20 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل 2 ڳوٺاڻا بازياب نه ٿيڻ سبب سندن وارث پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن

ميان صاحب مان 20 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل 2 ڳوٺاڻا بازياب نه ٿيڻ سبب سندن وارث پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن.

عيد گاهه پاڙي جي  اغوا ڄاڻايل 2 نوجوانن اشفاق احمد ۽ سجاد علي شيخ کي 20 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي.

مغوين جي وارثن ممتاز علي،ديدار حسين ۽ ٻين چيو ته پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪو به سنجيدہ قدم نه کنيو آهي، جنهن ڪري سندن گهرن ۾ ماتم متل آهي.

هنن آءِ جي سنڌ کان گهر ڪئي آهي ته مغوي نوجوانن کي جلد بازياب ڪرائي کين  پريشاني ختم ڪئي وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*