ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڌانڌلين جي جاچ ٿي رهي آهي، عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان، ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جي قيام کي عوام جي وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪي  تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڌانڌلين جي جاچ ٿي رهي آهي، جڊيشل ڪميشن جا نتيجا اچڻ بعد سڀ اڇا ڪارا پڌرا  ٿي ويندا.

بـَنون ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو ته عوام جي سخت احتجاج ۽ دٻاءَ کانپوءِ جڊيشل ڪميشن جو قيام عمل ۾ اچي رهيو آهي.

هـِن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن اليڪشن ۾ ڌانڌلين جي جاچ ٿي رهي آهي، تحريڪ انصاف ڪميشن آڏو سمورا ثبوت پيش ڪندي ۽ نتيجا اچڻ بعد سڀ واضح ٿي ويندو ته ڪير ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو.

هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته سڀ کان پهريان حڪومت ۾ ويٺل پارٽين مان هٿياربند گروپ ختم ڪيا وڃن.

هن چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي بعد 2 آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي گذريون آهن،  جنهن ۾ ايم ڪيو ايم سميت سڀني پارٽين شرڪت ڪئي هئي، اي پي سي ۾ طئي  ٿيو ته ڪنهن کي به هٿياربند ونگ رکڻ جي اجازت نه هوندي، ڇا ايم ڪيو ايم لاءِ الڳ قانون آهي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته جنهن به پارٽي ۾ هٿياربند گروپ آهن، سڀني خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*