سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واٽر ڪميشن جي ڪارروائي دوران سي فوڊ ۽ فش هاربر تي ڪم ڪندڙ سيڙپڪار پيش ٿيا

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واٽر ڪميشن جي ڪارروائي دوران سي فوڊ ۽ فش هاربر تي ڪم ڪندڙ سيڙپڪار پيش ٿيا، اڳوڻو اسيمبلي ميمبر علي رضا عابدي پنهنجي ڪمپني اخلاق انٽر پرائزز پاران پيش ٿيو.

واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم،علي رضا عابدي سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي ڪمپني سيپا کي انسپيڪشن ڪرڻ نه ڏنو آهي.

علي رضا عابدي چيو ته مون کي ڄاڻ ناهي، انتظاميه کان معلوم ڪندس.

واٽر ڪميشن سربراهه چيو ته توهان کي ڪمپني انتظاميه کان معلوم ڪري پيش ٿيڻ گهرجي ها.

سيپا چيو ته اخلاق انٽرپرائزز انتظاميه کي ٻڌڻي لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو پر ڪير به پيش نه ٿيو.

علي رضا عابدي چيو ته اسان جي فيڪٽري ۾ سيپٽڪ ٽينڪ موجود آهن، جنهن جي هر روز انسپيڪشن ٿيندي آهي.

واٽر ڪميشن سربراهه چيو ته سيپٽڪ ٽينڪ لڳل آهي ته بهتر ڳالهه آهي ٻي صورت ۾ ٻن مهينن ۾ لڳائي ڇڏيو.

واٽر ڪميشن سربراهه ٻين فيڪٽرين جي انتظاميه کي هدايت ڪندي چيو ته جنهن فيڪٽري ۾ سيپٽڪ ٽينڪ لڳل نه هوندو ته ان کي بند ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*