سپريم ڪورٽ آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽر ٻاهران بند ڪيل رستو ٻن مهينن ۾ کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽر ٻاهران بند ڪيل رستو ٻن مهينن ۾ کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس چيو آهي ته، ملڪ جي سيڪيورٽي ادارن کي ايڪسپوز نٿا ڪرڻ گـُهرون، آءِ ايس آءِ کي ڪنهن به صورت ۾ کُليل ڇوٽ نٿي ڏئي سگهجي،عام شهرين ۽ آءِ ايس آءِ لاءِ الڳ الڳ معيار نٿا رکي سگهون.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽر ٻاهران رستي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالتي حڪم تي ڊي جي ڪائونٽر انٽيلي جنس جنرل فيض حميد عدالت ۾ پيش ٿيو.

چيف جسٽس کيس مخاطب ٿيندي چيو ته معاملو اڏاوت جو آهي، فوج لاءِ احترام آهي پر عدالتون سڀ کان مٿاهون اهن. رياست جي سمورن ادارن کان عدالت مٿانهون آهي، پنهنجي آفيسرن کي چئو ته عدالتن کان نه ڊڄن ۽ پيش ٿيڻ کان شرمشسار نه ٿين.

چيف جسٽس چيو ته آءِ ايس آءِ جي اهميت کان آگھاهه آهيون پر قانون جي حڪمراني به هر صورت ۾ برقرار رکڻي آهي، اسان شهرين کي اڏاوتون هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي جنرل فيض حميد چيو ته جي، بلڪل سچ آهي.

چيف جسٽس چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊي جي آءِ ايس آءِ کي گهرايو هو پر اسان اهي حڪم اڳ  ڏنا هئا. ڊي جي بدران اوهان گهرايو، اوهان آءِ ايس آءِ ۾ ٻئي نمبر تي آهيو،

چيف جسٽس جنرل فيضل حميد کان پڇا ڪئي ته ڇا عدلت ۾ اچي بهتر محسوس ڪري رهيا آهيو؟ جنهن تي جنرل فيض چيو ته جي سر، پهريون ڀيرو پيش ٿي رهيو آهيان، اوهان کي ڄاڻ هوندي ته سڀ کان وڌيڪ حملا اسان تي ٿيا آهن.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان آءِ ايس آءِ جي قربانين جي قدر ڪيون ٿا، جنر فيض حميد چيو ته حساس سامان ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻو آهي، جنهن سبب ڇهه هفتن جو وقت ڏنو وڃي.

چيف جسٽس آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽر جي سامهون روڊ کي کولڻ لاءِ ٻن مهينن جي مهلت ڏئي ڇڏي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*