سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ايس 11 تي پ پ اميدوارنثار کهڙو کي چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرارڏيڻ وارو فيصلو برقرار رکندي

سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ايس 11 تي پ پ اميدوارنثار کهڙو کي چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرارڏيڻ وارو فيصلو برقرار رکندي، سندس اپيل رد ڪري ڇڏي، نثار کهڙي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو  پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي جو فارم رد ڪرڻ ۽ چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏيڻ واري رٽرننگ آفيسر ۽ اليڪشن ٽربيونل جي فيصلن خلاف اپيل جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران نثار کهڙو پنهنجي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد نثار کهڙي جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

پ پ سنڌ جي صدر ۽ پي ايس 11 تي پ پ اميدوار نثار کهڙي خلاف ريٽرننگ آفيسر وٽ جي ڊي اي اميدوار معظم عباسي اعتراض واريو هو ته نثار کهڙي نامزدگي ڪاغذن ۾ ٻي شادي جو ذڪر نه ڪيو آهي ۽ پنهنجا اثاثا لڪايا آهن.

هوڏانهن نثار کهڙي اعلان ڪيو آهي ته سندس نااهلي واري فيصلي کي هو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*