باڊھ مان اغوا ڄاڻايل ناري جي  ڪيس ۾ پوليس 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتوآهي، وارثن ناري کي بازياب نه ڪرائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

باڊھ مان اغوا ڄاڻايل ناري جي  ڪيس ۾ پوليس 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتوآهي، وارثن ناري کي بازياب نه ڪرائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

باڊهه پوليس ڏيرا محلي مان2 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل ناري مريم ڏيرو جو  اغوا ڪيس ساڳئي محلي جي ٻن ڄڻن شاهد گوپانگ ۽ علي رضا گوپانگ خلاف داخل ڪرڻ بعد ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.

هوڏانهن ناري جي وارثن غلام مصطفيٰ ڏيرو، خادم ڏيرو ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ باڊھ ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

  ان موقعي تي ناري جي وارثن انتظا ميا کان مطالبو ڪيو ته سندن  اغوا ڪيل ناري کي فوري طور بازياب ڪرائي جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي…………

 ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آھي ته ناري پسند جو پرڻو ڪرڻ لاء گهران پاڻ نڪري وئي آھي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*