نوابشاهه ويجهو مهراڻ هاءِ وي تي ڪوچ، ڪار ۽ وين وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 17 زخمي ٿيا پيا

نوابشاهه ويجهو مهراڻ هاءِ وي تي ڪوچ، ڪار ۽ وين وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 17 زخمي ٿيا پيا.

نوابشاهه ويجهو قلندرآباد وٽ حادثي ۾ ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ڪوٽ ۽ ٻانڌي کان نوابشاهه ويندڙ وين وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ پٺيان ايندڙ ڪار ۽ ٻه موٽرسائيڪلون به گاڏين سان ٽڪرائجي ويون.

حادثي جي نتيجي ۾ وين ۾ سوار 11 مسافر ٿڏي تي فوت، جڏهن ته 17 زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي امدادي ٽيمن حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي نوابشاهه پي ايم ايو اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمين جو علاج هلندڙ آهي.

حادثي ۾ فوت ٿيلن جي سڃاڻپ ٻانڌي واسي 15 ورهين جو راشد گجر، 13 ورهين جي اقراءَ، 8 ورهين جي ڪرن گجر، مير حسن جمالي، وين ڊرائيور 50 ورهين جو ڪريم بخش گدارو، 71 ورهين جو الهه ڏنو، 25 ورهين جو ظفر علي، آصف، شازيه ۽ زينب طور ڪئي وئي آهي.

زخمين ۾ نسيم، صناءَ، شازيه، شهناز، عبدالغفور ميرجت، بدر، شفيع، محمد علي، اعجاز ۽ اصغر ڏاهري شامل آهن.

نوابشاهه پوليس حادثو ڪندڙ ڪوچ ڊائيوار محمد اقبال ملڪ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*