گولاڙچي لڳ مال بردار ڊاٽسن ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا

گولاڙچي لڳ مال بردار ڊاٽسن ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 12 رڍون به مري ويون.، سجاول ويجهو ڪار جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 8 ورهين جي نينگري فوت ٿي وئي.

بچل واٽر اسٽاپ وٽ ڪراچي ويندڙ مال سان ڀريل ڊاٽسن ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مصري جت ۽ سومار جت ٿڏي تي فوت ۽ 5 ڄڻا سڪندر جائرو، معشوق، يعقوب، مامون جمالي ۽ محمد خان چانڊيو زخمي ٿي پي، جڏهن ته حادثي جي نتيجي ۾ ڊاٽسن ۾ موجود 12 رڍون به مري ويون.

اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي گولاڙچي اسپتال منتقل ڪيو، جتان لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته زخمين جو طبي امداد کانپوءِ علاج هلندڙ آهي.

سجاول ويجهو سعيد پور بس اسٽاپ وٽ ڪار جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 8 ورهين جي نينگري شهربانو فوت ٿي ٿي وئي، جنهن کي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*