آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو آهي ته جمعي نماز جي سلسلي ۾ سڀني مسجدن، امام بارگاهن ۽ ٻين هنڌن جي سيڪيورٽي بهتر بنائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، چيڪنگ واري عمل کي سخت ڪيو وڃي

آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو آهي ته جمعي نماز جي سلسلي ۾ سڀني مسجدن، امام بارگاهن ۽ ٻين هنڌن جي سيڪيورٽي بهتر بنائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، چيڪنگ واري عمل کي سخت ڪيو وڃي.

ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو ته هر ٿاڻي جو ايس ايڇ او سيڪيورٽي واري معاملي جي پاڻ نگران ڪري، انٽيليجنس کي علائقي جي سطح تائين وڌايو وڃي.

هن چيو ته سڀني اطلاعن جي وقت سر پوئيواري ڪئي وڃي، ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو ته جمعي جي مناسب سان نماز لاءِ مخصوص ڪيل کليل جڳهن  جي منتظمينن سميت يوم القدس جي ريلين جي اڳواڻن سان رابطي واري عمل کي يقيني بڻايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*