ميرپورخاص ويجهو اغوا ڄاڻايل هندو ناري ماروي ۽ نوجوان راهو چيو آهي ته هنن مذهب مٽائي پسند جو پرڻو ڪيو آهي

ميرپورخاص ويجهو اغوا ڄاڻايل هندو ناري ماروي ۽ نوجوان راهو چيو آهي ته هنن مذهب مٽائي پسند جو پرڻو ڪيو آهي، نوجوان ۽ سندس وارثن تي ناري جي اغوا جو ڪيس ڪوڙو داخل ڪيو ويو آهي.

ميرپورخاص جي ڳوٺ ڌڻي بخش مري مان مبينا اغوا ڄاڻايل ناري ماروي ميگهواڙ  ۽ راهو ڀيل ميرپورخاص ۾ ميڊيا آڏو اچي چيو ته هنن اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ پسند جو پرڻو ڪيو آهي.

جوڙي چيو ته مذهب مٽائڻ کانپوءِ ناري پنهنجو نالو شهزادي ۽ نوجوان پنهنجو نالو معشوق علي رکيو آهي.

هنن چيو ته ناري جي وارثن پاران نوجوان ۽ سندس وارثن تي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.

جوڙي گهر ڪئي ته اغوا جو داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*