سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه جي ٻٽي شهريت ۽ اقامه خلاف درخواست تي وفاق ۽ اليڪشن ڪميشن کي جواب داخل ڪرائڻ جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي 20 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه جي ٻٽي شهريت ۽ اقامه خلاف درخواست تي وفاق ۽ اليڪشن ڪميشن کي جواب داخل ڪرائڻ جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي 20 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

عدالت ۾ درخواست جي ٻڌڻي دوران مراد علي شاهه جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته درخواستگذار جي موقف کي رٽرننگ آفيسر ۽ اليڪشن ڪميشن جو ٽربيونل رد ڪري چڪا آهن.

ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙي جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته اسان رٽرننگ آفيسر ۽ اليڪشن ڪميشن ٽربيونل جي فيصلي کي چئلينج ناهي ڪيو، عوامي مفاد ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته مراد علي شاهه اليڪشن ڪميشن ۾ ٻٽي شهريت بابت ڪوڙ ڳالهايو ۽ هن وٽ اقامو به آهي.

مراد علي شاهه جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته درخواست جي ٻڌڻي آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وڃي، جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته في الحال اليڪشن ڪميشن جو جواب اچڻ ڏيو، توهان جا دليل آگسٽ ۾ ٻڌنداسين، جنهن کان پوءِ عدالت درخواست جي ٻڌڻي 20 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*