مسلم ليگ ن اڳواڻ بيريسٽر ظفر الله چيو آهي ته پاڻمرادي نوٽيس ۾ اپيل نه هوندي آهي، اوهان ئي ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪيو ٿا

مسلم ليگ ن اڳواڻ بيريسٽر ظفر الله چيو آهي ته پاڻمرادي نوٽيس ۾ اپيل نه هوندي آهي، اوهان ئي ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪيو ٿا، پاڻمرادي نوٽيس ۾ پاڻ ئي جج بڻجي وڃو ٿا، اهو درست نه آهي، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ايئن نه ٿيندو آهي، جيڪڏهن آهي ته مون کي ٻڌايو وڃي؟

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ن اڳواڻ بيرسٽر ظفرالله چيو ته  پاڻمرادي نوٽيس ۾ اپيل نه هوندي آهي، اوهان پاڻ ئي فيصلو ڪندا آهيو ڪيس هلائڻ جو.

هن چيو ته پاڻمرادي نوٽيس ۾ اوهان پاڻ ئي جج بڻجي وڃو ٿا، اهو درست نه آهي. ڀارت ۾ به اهڙي طرح ڪلاز آهن پر اهي اتي استعمال نه ٿيندا آهن. جيڪڏهن دنيا ۾ ايئن ٿيندو آهي ته مون کي به ٻڌايو وڃي.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته دنيا ۾ 2 سئو ملڪ آهن، جن مان 57 ملڪن ۾ اهو ئي ساڳيو قانون آهي،

صحافي سوال ڪيو ته ڇا نوازشريف واپس ايندو، جنهن تي بيرسٽر ظفر الله چيو ته اسان کي اطلاع آهن ته هو ڏيهه واپس ايندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*