عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته نوازشريف کي سزا ملڻ کانپوءِ هلڪي ڦلڪي موسيقي ٿي سگهي ٿي

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته نوازشريف کي سزا ملڻ کانپوءِ هلڪي ڦلڪي موسيقي ٿي سگهي ٿي، نوازشريف کي به خبر هئڻ گهرجي ته ڪير کير پيئندڙ ۽ ڪير خون پيئندڙ مجنون آهي.

شريف ڪٽنب خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جي امڪاني فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي شيخ رشيد چيو ته پاڪستان ۾ هر ڏينهن اهم هوندو آهي، پاڪستان وڏو ملڪ آهي، ماڻهو ايندا آهن، هليا ويندا آهن. پر ملڪ هميشه قائم رهندو.

هن چيو ته جيڪڏهن نوازشريف کي سزا ٿئي ٿي ته 8 ڏينهن ۾ کيس اپيل لاءِ اچڻو پوندو، مون کي شڪ آهي ته رڌڻي ۾ ڪجهه ٻيو پچي رهيو آهي، لڳي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، ڏهن ڏينهن اندر  سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو.

شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته شريف ڀائرن کي سزا ملڻ کانپوءِ شاهد خاقان عباسي ن ليگ جي باڊي جون ذميواريون سنڀاليندو.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته نوازشريف سان اڍيالا جيل ۾ ڇا ٿيندو، ڪجهه به نٿو ڄاڻيان………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*