ايران سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ ايمانداري کان ڪم ورتو وڃي، ايراني صدر حسن روحاني

ايراني صدر حسن روحاني چيو آهي ته عالمي طاقتون اهو سمجهي چڪيون آهن ته ايران ائٽمي پروگرام تي ڌمڪين يا پابندين نه پر عزت ۽ احترام واريون ڳالهيون ئي لاڀائتيون ٿي سگهن ٿيون.

تهران ۾ نوروز جي تقريب کي خطاب ڪندي حسن روحاني چيو ته دنيا جا سمورا ملڪ ۽ وڏيون طاقتون اهو سمجهي چڪيون آهن ته ڌمڪيون ۽ پابنديون ايران کي هيسائي نه ٿيون سگهن، مناسب طريقو اهو هوندو ته ايران سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ ايمانداري کان ڪم ورتو وڃي.

سندس چوڻ هو ته ايران سخت پابنديون ڀوڳي چڪو آهي ۽ ايراني قوم پنهنجي عظيم مقصد جي راهه ۾ ڪا به رنڊڪ برداشت نه ڪندي.

ايراني صدر جو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا سميت 6 عالمي طاقتون ايران جي ايٽمي پروگرام بابت ڳالهيون ڪري رهيون آهن ۽ ڪنهن معاهدي تائين پهچڻ لاءِ وٽن رڳو 10 ڏينهن وڃي بچيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*