سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته، ڪنهن کي به ڊئمز لاءِ گڏ ٿيندڙ فنڊز ڦٻائڻ نه ڏينداسين، فنڊز بابت سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي اپڊيٽس جاري ٿيندا رهندا

سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته، ڪنهن کي به ڊئمز لاءِ گڏ ٿيندڙ فنڊز ڦٻائڻ نه ڏينداسين، فنڊز بابت سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي اپڊيٽس جاري ٿيندا رهندا، اسان ڊئمز فنڊز ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيا آهيون، ڊئمز لاءِ جمع ٿيندڙ فنڊز کي ڪنهن کي به کائڻ نه ڏينداسين، ان تي پهرو ڏنو ويندو، ان تي پهرو ڏنو ويندو. اهو ٿيڻ نه ڏينداسين ته ڪميشن جا ماڻهو انهيءَ فنڊز  مان گاڏي ۽ گهر خريد ڪن.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي ڊئمن بابت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان ڊئمن لاءِ فنڊز لاءِ اپيل ڪئي آهي.

هن چيو ته ڊئمن لاءِ جمع ڪيل فنڊز کي ڪنهن کي به کائڻ نه ڏينداسين، ان تي پهرو ڏنو ويندو. اهو ٿيڻ نه ڏينداسين ته ڪميشن جا ماڻهو انهيءَ فنڊز  مان گاڏي ۽ گهر خريد ڪن.

چيف جسٽس چيو ته اسان به ڊئمن جي اڏاوت لاءِ فنڊز ۾ حصو وجهي رهيا آهيون.  سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ ڊئمن بابت هر ڪلاڪ ۾ اپڊيٽ ڪئي ويندي.

چيف جسٽس چيو ته هر ڪلاڪ ۾ ويب سائيٽ اپڊيٽ ٿيڻ سان خبر پوندي ته ڪيترا پيسا جمع ٿيا آهن. اسٽيٽ بينڪ کي به پنهنجي ويب سائيٽ تي اهو معاملو کڻڻ جو چيو آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڊيمن جي تعمير لاءِ قوم جا ٻارڙا پيسا جمع ڪري ڏئي رهيا آهن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*