ملسم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ ڪئپٽن صفدر پاران اين اي 14 تان چونڊ مهم جاري آهي

ملسم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ ڪئپٽن صفدر پاران اين اي 14 تان چونڊ مهم جاري آهي، ڪئپٽن صفدر چيو آهي ته انصاف جو جنازو کڄڻ وارو آهي، عوام پنهنجي عقيدي موجب آخري رسمون ادا ڪرڻ جي تياري ڪري، سڀ کان وڏي عدالت الله جي آهي، يقين آهي ته عوامي عدالت ۾ سروخرو ٿينداسين. پنهنجي خلاف ڪنهن به فيصلي کان خوفزده نه آهيون.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڪئٽن صفدر  پاران مانسهران جي تڪ اين اي 14 تان چونڊ مهم جاري آهي.

ڪپٽن صفدر اوگي واري علائقي ۾ ڪارڪنن سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن جا مسئلا ٻڌا.

ان موقعي تي ڪئپٽن صفدر چيو ته سڀ کان وڏي عدالت الله جي آهي، يقين آهي ته عوامي عدالت ۾ سروخرو ٿينداسين. پنهنجي خلاف ڪنهن به فيصلي کان خوفزده نه آهيون.

هن چيو ته جيلون ۽ هٿڪڙيون سياستدانن جو زيور هونديون آهيون آهن، هزارا جو پٽ ۽ مسلم ليگ ن جو پٽ نوازشريف تي قربان ٿيڻ لاءِ تيار آهي.

ڪئپٽن صفدر چيو ته انصاف جو جنازو کڄڻ وارو آهي، عوام پنهنجي عقيدي موجب آخري رسمون ادا ڪرڻ جي تياري ڪري،

ذريعن موجب، فيصلو ن ليگ جي خلاف اچڻ جي صورت ۾  ڪارڪنن کي مرڪزي آفيس ۾ جمع ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب، فيصلو ن ليگ جي خلاف  آيو ته ڪئپٽن صفدر مرڪزي آفيس تي اچي پاڻ کي قانوني ڪارروائي لاءِ پيش ڪري سگهي ٿي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*