نون ليگ جو مقابلو سازشين ۽ جمهوريت ۾ لڪيل نانگن سان آهي، مريم نواز

مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته، نون ليگ جو مقابلو سازشين ۽ جمهوريت ۾ لڪيل نانگن سان آهي، نانگ موقعي مان فائدو وٺي ووٽ سازشي ڌُرين سان گڏجي ويا،خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ملڪ جو ليڊر ووٽ جي عزت لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، فيصلو جيڪو به اچي، نُون ليگ جا شير ڊڄڻ وارا نه آهن،

پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ مريم نواز چيو آهي ته اسان جو مقابلو جمهوريت ۾ لڪيل ڪارن نانگن سان آهي، جن ووٽ جي حرمت پائمال ڪرڻ جو ڪو به موقعو هٿ سان وڃائڻ نه ڏو آهي سازشن ۾ ملوث رهيا.

هن چيو ته ڏکين حالتن باوجود اهي قوتون اسان کي جهڪائڻ ۾ ناڪام رهيون.

نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ چيو ته خوشي جي ڳالهه آهي ته ڪو ته ليڊر آهي جو اوهان جي ڪري وطن، ۽ ووٽ جي عزت لاءِ ثابت قدم بيٺل آهي ۽ ڪا به قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

مريم نواز چيو  ته فيصلو جيڪو به اچي، ڊڄڻ وارا ناهيون، نوازشريف جي لاءِ اهو سڀ ڪجهه نئون نه آهي، هواڳ به نااهلي، قيد ۽ جلاوطني ڀوڳي چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*