حيدرآباد ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم هاءِ وي جي آفيس تي ڇاپو هڻي ٽن سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي

حيدرآباد ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم هاءِ وي جي آفيس تي ڇاپو هڻي ٽن سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي،اينٽي ڪرپشن ٽيم جو چوڻ آهي ته ڪرپشن جون شڪايتون ملڻ بعد هاءِ وي جي آفيس تي ڇاپو هنيو ويو آهي.

اينٽي ڪرپشن ٽيم جي عملدارن چيو ته هاءِ وي جي آفيسر غلام شبير ميمڻ ۽ ڪجهه ڪلارڪن خلاف شاڪيتون مليون، جن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

عملدارن چيو ته ڪاغذن جي جاچ بعد ڪرپشن بابت اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*