ڪراچي ۾ پوليس انسپيڪٽر علي گوهر شاهه بيمار پٽ سان گڏجي ڊي آءِ جي ڪرائيم برانچ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو

ڪراچي ۾ پوليس انسپيڪٽر علي گوهر شاهه بيمار پٽ سان گڏجي ڊي آءِ جي ڪرائيم برانچ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

صحافين سان ڳالهائيندي پوليس انسپيڪٽر علي گوهر شاهه چيو ته منهنجي پٽ سردار شاهه جا ٻئين گردا ختم ٿيل آهن، جنهن جي هر ٻئي ڏينهن ڊائيلاسز ٿيندي آهي، ڊي آءِ جي ڪرائيم برانچ موڪل نه ڏئي رهيو آهي.

هن چيو ته ڊي آءِ جي ڪرائيم برانچ سرور جمالي پيشي ڪري نوڪري مان ڪڍڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن.

علي گوهر شاهه چيو ته اڳوڻي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا پٽ جي علاج لاءِ هڪ لک روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جو انسپيڪٽر امجد پئسا هڙپ ڪري ويو آهي.

انسپيڪٽر علي گوهر شاهه چيو ته جيڪڏهن مون کي انصاف فراهم نه ڪيو ويو ته پوري خاندان سميت پريس ڪلب اڳيان پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس، جنهن جي ذميواري ڊي آءِ جي ڪرائيم برانچ غلام سرور جمالي تي هوندي.

ٻئي طرف آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي پوليس انسپيڪٽر جي احتجاج جون خبرون ميڊيا تي هلڻ جو نوٽيس وٺي ڊي آءِ جي ۽ اي آءِ جي ويلفيئر سنڌ کان تفصيلي جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*