آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ريپڊ ريپانس فورس جو اهم ڪردار رهيو آهي

     آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ريپڊ ريپانس فورس جو اهم ڪردار رهيو آهي، بهتر نموني سان مقابلا ڪري ڪيترن کي دهشتگردن کي ماريو آهي.

آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي ريپڊ ريسپانس فورس الفلاح بيس جو دورو ڪري جوانن سان مليو، ان موقعي تي ڊي آءِ جي آر آر ايف پاران آءِ جي  سنڌ کي اهلڪارن جي تربيت، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت بابت قدمن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني  .

آر آر ايف بيس تي اهلڪارن کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو ته دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو، عوام کي هر صورت ۾ امن فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*