تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن هو ۽ آهي

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن هو ۽ آهي، قوم جو سڀ کان وڏو ڊرامي باز شهباز شريف آهي، 6 ڀيرا شريف خاندان پنجاب ۾ حڪومت ڪئي، اڄ شهباز شريف چئي رهيو آهي ته هاڻ روڊن تي نه پر انسانن تي خرچ ڪندس،

لوئر دير ۾ تيمر گره واري علائقي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن هو ۽ آهي،

هن چيو ته قوم جو سڀ کان وڏو ڊرامي باز شهباز شريف آهي، 6 ڀيرا شريف خاندان پنجاب ۾ حڪومت ڪئي، اڄ شهباز شريف چئي رهيو آهي ته هاڻ روڊن تي نه پر انسانن تي خرچ ڪندس،

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته هڪ برسات لاهور کي پيرس بڻائڻ واري دعويٰ جو پول کولي ڇڏيو آهي،

هن چيو ته سڄو پاڪستان فيصلو جو انتظار ڪري رهيو آهي، اڄ ڪرپسن جي گاڊ فادر خلاف فيصلو ايندو،

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته عوام جو پيسو چوري ڪري مني لانڊرنگ ذريعي ٻاهر موڪليو ويندو آهي.

عمران خان چيو ته اسان جي ايڪسپورٽ هانگ ڪانگ جي برابر هئي، اڄ اسان پوئتي وڃي رهيا آهيون ۽ ٻيا ملڪ ترقي ڪري رهيا آهن،

هن چيو ته اڄ اسان جي سرادري آمدني مشڪل سان 15 سئو ڊالر آهي. اسحاق ڊار جا ٻار ارب پتي آهي،

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته  عوام جو اهڙي ريت ٻاهر نڪرڻ جو مطلب آهي ته اسان عوام کي مايوس ناهي ڪيو. قوم کي قرضي بڻائي حڪمران ارب پتي بڻجي ويا،

هن چيو ته  شهباز شريف ننڍن ننڍن ڪمرن ۾ جلسا ڪري رهيا آهن، هو ان ڪري جلسا نه پيو ڪري ته عوام کانئس سوال ڪندو،

عمران خان چيو ته پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت هڪ ارب 18 ڪروڙ وڻ لڳايا.25 جولاءِکان پوءِ فيصلو ٿيندو ته ڇا پاڪستان پنهنجي تقدير بدلي سگهي ٿو يا نه،

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته اسان 25 جولاءِ کان پوءِ سڄي پاڪستان کي سرسبز ڪري ڇڏينداسين………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*