اليڪشن ٽربيونل لاهور اين اي هڪ سئو 25 تي ڌانڌلي خلاف درخواست تي خواجه سعد رفيق کي 28 مارچ تي طلب ڪري ورتو

 اليڪشن ٽربيونل لاهور، اين اي هڪ سئو 25 تي ڌانڌلي خلاف درخواست تي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق کي 28 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي.

اليڪشن ٽربيونل لاهور جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ ملڪ ڪاظم اين اي هڪ سئو 25 تي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق جي ڪاميابي خلاف پي ٽي آءِ جي حامد خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

حامد خان موقف اختيار ڪيو ته تڪ جي ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشن تي ووٽ جعلي هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ ڪيترائي ووٽ سڃاڻپ جوڳو ناهن.

حامد خان جي وڪيل اليڪشن ٽربيونل کي استدعا ڪئي ته سعد رفيق جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

اليڪشن ٽربيونل، خواجه سعد رفيق کي 28 مارچ تي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*